نیوز ٹکر · سما ٹی وی
🕒 لوڈ ہو رہا... _
📅 لوڈ ہو رہا... _
🌡️ لوڈ ہو رہا... ☀️ 🌤️

"پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت نئين پاليسين تي ڪم ڪري رهي آهي. موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي ملهه جي اڳڪٿي ڪئي آهي. راندين ۾، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سيريز جي تياري ڪري رهي آهي. صحت جي حوالي سان، وڏن شهرن ۾ موسمي فلو جا نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ان سان گڏ، ڪراچي ۽ لاهور ۾ آئي ٽي شعبي تيزي سان وڌي رهيو آهي. تازين تازه ڪارين لاءِ اسان سان ڳنڍيل رهو."

تازا ترين

Picture of Awaz TV

Awaz TV

موسمياتي تبديلين جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي سهڪار اڻٽر آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف موسمياتي تبديلين جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي سهڪار کي اڻٽر قرار ڏئي ڇڏيو.
وزيراعظم جي صدارت هيٺ چوماسي جي تياري ۽ ماحولياتي خطرن کان بچاءُ واري نظام جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس ٿيو.
وزيراعظم چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين جي هاڃيڪارن اثرن کان متاثر ملڪن ۾ شامل آهي، موسمياتي تبديلين جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي سهڪار اڻٽر آهي.
وزيراعظم موسمياتي تبديليءَ واري وزير ۽ چيئرمين اين ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي ته هو هلندڙ هفتي صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جو دورو ڪن.
وزيراعظم چيو ته اهو دورو چوماسي برساتن جي اڳواٽ تياري مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪيو ويندو.
رٿابندي واري وزير جي نگرانيءَ ۾ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ ۽ لاڳاپيل وزارتن جي ايمرجنسي ريسپانس ڪميٽي ٺهندي، جيڪا صوبائي لاڳاپيل ادارن سان عملي سهڪار لاءِ ڪم ڪندي.
وزيراعظم هدايت ڪئي ته ناڻي وارو وزير چوماسي جي امڪاني تباهيءَ جي صورت ۾ هنگامي فنڊ لاءِ اڳواٽ تياري ڪري، امڪاني ٻوڏ جي صورتحال ۽ خطرن کان بچاءُ لاءِ اپاءَ هڪ گڏيل روڊ ميپ تحت ترتيب ڏنا وڃن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *