نیوز ٹکر · سما ٹی وی
🕒 لوڈ ہو رہا... _
📅 لوڈ ہو رہا... _
🌡️ لوڈ ہو رہا... ☀️ 🌤️

"پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت نئين پاليسين تي ڪم ڪري رهي آهي. موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي ملهه جي اڳڪٿي ڪئي آهي. راندين ۾، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سيريز جي تياري ڪري رهي آهي. صحت جي حوالي سان، وڏن شهرن ۾ موسمي فلو جا نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ان سان گڏ، ڪراچي ۽ لاهور ۾ آئي ٽي شعبي تيزي سان وڌي رهيو آهي. تازين تازه ڪارين لاءِ اسان سان ڳنڍيل رهو."

تازا ترين

Picture of Awaz TV

Awaz TV

ويسٽ انڊين ليجنڊري ڪورٽني والش زمبابوي جو بالنگ ڪوچ مقرر

هراري (ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز جي ليجنڊري فاسٽ بالر ڪورٽني والش کي زمبابوي جي مينز ڪرڪيٽ ٽيم جو بالنگ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ اربع ڏينهن اڳوڻي ويسٽ انڊين فاسٽ بالر ڪورٽني والش جي بالنگ ڪوچ طور مقرري جي تصديق ڪئي.
والش هلندڙ سال جي شروعات ۾ ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ ٿيل آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ دوران زمبابوي ٽيم لاءِ صلاحڪار طور ڪم ڪيو هو، جنهن کانپوءِ هاڻ کيس مستقل بنيادن تي مقرر ڪيو ويو آهي.
ان کانسواءِ زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ هيڊ ڪوچ جسٽن سيمونز جي سربراهي ۾ موجودا ڪوچنگ اسٽاف کي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
واضح رهي ته ان ورلڊ ڪپ ۾ زمبابوي آسٽريليا ۽ سريلنڪا کي شڪست ڏئي پنهنجي گروپ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي هئي ۽ سپر ايٽس ۾ جاءِ ٺاهڻ سان گڏ 2028 واري ورلڊ ڪپ لاءِ به ڪواليفاءِ ڪري ورتو هو.
زمبابوي هن وقت بنگلاديش جي ميزباني ڪري رهيو آهي، تازو ئي هراري ۾ کيڏيل واحد ٽيسٽ ميچ ۾ زمبابوي پنهنجي تاريخ جي سڀ کان وڏي فتح حاصل ڪئي، جنهن ۾ هنن بنگلاديش کي هڪ اننگز ۽ 85 رنز تان شڪست ڏني، هي رچرڊ نگاراوا جي ڪپتانيءَ هيٺ کيڏيل پهرين ميچ هئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *