سينيٽ به خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي لڳائڻ وارو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو
سينيٽ جو اجلاس چيئرمين يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ ٿيو اجلاس ۾ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير طارق فضل چوڌري ڪي پي ۾ ايمرجنسي لڳائڻ واري معاملي تي ٺهراءُ پيش ڪيو سينيٽ خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي لڳائڻ بابت ٺهراءُ جي اڪثريت راٰءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي مخالف ڌر جي ميمبرن ٺهراءُ جي مخالف ڪندي سينيٽ […]
ڪي پي ڪي ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه هو: وزير اعظم شهباز شريف
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾دهشتگردن کي ڪي پي آندو ويو، ڪي پي جي عوام دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، خيبرپختونخوا جي حڪومت کي گڏ کڻي هلڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي، ڌرڻن ۽ لانگ مارچ ذريعي ملڪي ترقي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ن […]
محمود خان اچڪزئي سڀاڻي کان سموري ملڪ ۾ احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته جمهوري پاڪستان لاءِ اُهي هر قسم جي ڳالهين لاءِ تيار آهن، کين پي ٽي آءِ باني سان ملڻ جي اجازت ڏني وڃي، اُهي لکي ڏين ٿا ته ٻاهر اچي ڪجهه به نه ٻڌائيندا سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ علامه راجا ناصر عباس، پي […]
جبوتي کان يمن ويندڙ پرڏيهين جي ٻيڙي اونڌي ،15 ٻارن سميت 139 ماڻهو اجل جو شڪار

جبوتي کان يمن ويندڙ پرڏيهين جي ٻيڙي اونڌي ٿي وئي،15 ٻارن سميت 139 ماڻهو اجل جو شڪار بڻجي ويا آفريڪي ملڪ جيوتي کان يمن ويندڙ پرڏيهين جي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 15 ٻارن سميت 139 ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا ويا برطانيه جي ميڊيا موجب ٻيڙي ٻڏڻ جو حادثو 8 ۽ 9 […]
تيرنهن سالن جو گند ٽن مهينن ۾ صاف ڪنداسين، هاڻي پاليسي جلال آباد مان اسلام آباد مان ايندي: فيصل ڪريم ڪنڊي

خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته اسان جي پاليسي وفاق طرفان ايندي، جلال آباد يا قنڌار مان نه ايندي صدر ۽ وزيراعظم جلد هتي ايندا ۽ اسان جا مسئلا حل ڪندا، وفاقي حڪومت اسان تي اعتماد ڪيو آهي،هاڻ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ رابطو نه هجڻ وارو دور ختم ٿي ويو […]
ڪوئيٽا: پاڪ فوج جو تربيتي جهاز ڪري تباهه، ٻئي پائليٽ شهيد

ڪوئيٽا ويجهو پاڪ فوج جو مشاق تربيتي جهاز حادثي جو شڪار ٿي ويو،جهاز ۾ سوار ٻئي پائليٽ شهيد ٿي ويا آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جو تربيتي جهاز فني خرابي سبب ڪري تباهه ٿي ويو حادثو ڪوئيٽا جي علائقي نوان ڪلي ويجهو پيش آيو بيان ۾ چيو ويو آهي ته تربيتي جهاز ۾ […]
اپيڪس ڪميٽي جو دهشتگردن خلاف ڪارروايون جاري رکڻ جو فيصلو

خيبرپختونخوا جي اپيڪس ڪميٽي صوبي ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي صلاحيت وڌائڻ ۽ جديد هٿيار فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي خيبرپختونخوا صوبي جي اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، ڪور ڪمانڊر پشاور ۽ […]
وفاقي حڪومت خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

ذريعن موجب ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ لاءِ سڀاڻي وفاقي ڪابينا کان منظوري وٺڻ جو امڪان آهي سڀاڻي وفاقي ڪابينا کان ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي منظوري وٺڻ جو امڪان آهي جنهن لاءِ ٻنهي ايوانن جا اجلاس اڱاري تي طلب ڪيا ويا آهن سڀاڻي وفاقي ڪابينا جو اجلاس گهرايو ويو آهي، جنهن دوران خيبر پختونخواهه ۾ ايمرجنسي لاڳو […]
اکيون اميتاڀ بچن کي ڏيکاريو، اسان کي نه“، صحافي جيا بچن ست سريون ٻڌائي ڇڏيون

بالي ووڊ جي اداڪارا ۽ سماج وادي پارٽيءَ جي ميمبر پارليامينٽ جيا بچن کي هڪ صحافيءَ کي ست سريون ٻڌائي ڇڏيون. جيا بچن جا صحافين، فوٽوگرافرن ۽ پاپارازي سان اڻبڻت وارا واقعا اڪثر خبرن جي زينت بڻجندا رهندا آهن سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ جيا بچن هڪ تقريب ۾ شرڪت […]
ڳالهين لاءِ مولانا فضل الرحمان جي ٽياڪڙي بابت ڪا به ڄاڻ ناهي: شوڪت يوسفزئي

پشاور: پي ٽي آءِ خيبرپختونخوا جي ترجمان شوڪت يوسفزئي چيو آهي ته ڳالهين لاءِ مولانا فضل الرحمان جي ٽياڪڙي بابت کيس ڪا به ڄاڻ ناهي، پر جيڪڏهن هو ٽياڪڙي لاءِ اڳتي اچي ٿو ته سندس آجيان ڪئي ويندي خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي شوڪت يوسفزئي چيو ته ايمرجنسي يا گورنر راڄ مسئلن جو حل ناهي، […]