News Ticker
🕒 لوڊ ٿي رهيو... _
📅 لوڊ ٿي رهيو... _
🌡️ لوڊ ٿي رهيو... ☀️ 🌤️

"پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت نئين پاليسين تي ڪم ڪري رهي آهي. موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي ملهه جي اڳڪٿي ڪئي آهي. راندين ۾، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سيريز جي تياري ڪري رهي آهي. صحت جي حوالي سان، وڏن شهرن ۾ موسمي فلو جا نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ان سان گڏ، ڪراچي ۽ لاهور ۾ آئي ٽي شعبي تيزي سان وڌي رهيو آهي. تازين تازه ڪارين لاءِ اسان سان ڳنڍيل رهو."

تازا ترين

خيبر پختونخواهه ۾ پهريان ئي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ گهرجي ها: نواز شريف

مسلم ليگ (ن) جي صدر نواز شريف جو چوڻ آهي ته خيبر پختونخواهه ۾ حالتون قابو کان ٻاهر ٿي رهيون هيون، ايمرجنسي پهريان ۾ ئي لاڳو ڪرڻ گهرجي ها لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي صدر نواز شريف چيو ته خيبر پختونخواهه ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي […]

دهشتگردن لاءِ نرم رويو  رکڻ سبب پي ٽي آءِ حڪومت وڃائي: سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ

سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ دهشتگردن لاءِ نرم رويو  رکڻ سبب پنهنجي  صوبائي حڪومت وڃائي ويٺي، معصوم ماڻهن جو رت وهندو رهيو، جوان شهيد ٿيندا رهيا، پر تحريڪ انصاف جو باني دهشتگردن جون آفيسون  کولرائڻ جون ڳالهيون ڪندو رهيو پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ سنڌ جي […]

واشنگٽن: ٽرمپ جو سعودي عرب کي  حوثين خلاف اسرائيل جي مدد قبول ڪرڻ جو مشورو

امريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سعودي عرب کي يمن جي حوثين جي خلاف اسرائيل جي مددگار آڇ قبول ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي وائيٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته سعودي عرب کي يمن جي حوثين جي خلاف جنگ ۾ مدد ڏيڻ بابت اسرائيل جي آڇ قبول ڪرڻ گهرجي اسرائيل سعودي […]

ڪي پي ۾ مجبوريءَ سبب ايمرجنسي لاڳو ڪئي،  تباهي ٿيندي ڏسي خاموش تماشائي بڻجي نٿا سگهون: وزير اعظم

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته خيبر پختونخواهه ۾ مجبوريءَ سبب ايمرجنسي لاڳو ڪرڻي پئي  تباهي ٿيندي ڏسي خاموش تماشائي بڻجي نٿا سگهون گوجرانوالا ۾ ڳالهائيندي، وزيراعظم شهباز شريف خيبر پختونخواهه جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪندي وضاحت ڪئي ته خيبر پختونخواهه ۾ ايمرجنسي هڪ ضروري قدم هو، ڇاڪاڻ ته اهو […]

برطانيا: مردن ۾ آپگهات جي شرح رڪارڊ سطح تي پهچي وئي

انگلينڊ ۽ ويلز ۾ 50 کان 54 سالن جي عمر وارن مردن ۾  آپگهات جي شرح 2025ع ۾ رڪارڊ سطح تي پهچي وئي برطانوي اداري فار نيشنل اسٽيٽسٽڪس (ONS) موجب، گذريل سال هن عمر جي 532 مردن آپگهات ڪيو، جيڪو هر هڪ لک ماڻهن ۾ 28 فوتگين جي برابر آهي انگن اکرن موجب، 2024ع ۾ […]

چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف احتجاج ۾ شرڪت، عامر خان جي ڀاڻيجي عمران خان کي ڀارت ڇڏڻ جو حڪم

بالي ووڊ اداڪار عمران خان کي ڀارتي چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف احتجاج ۾ شرڪت ڪرڻ تي ملڪ ڇڏڻ جو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي ڀارتي ميڊيا موجب، ممبئي پوليس عامر خان جي ڀاڻيجي ۽ اداڪار عمران خان کي 28 آڪٽوبر تائين ڀارت ڇڏڻ جو نوٽيس جاري ڪيو آهي ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته […]

بابر اعظم 32 سالن جو  ٿي ويو

ٽيسٽ ڪپتان بابر اعظم 32 سالن جا ٿي ويو ،ان موقعي تي هن پنهنجي ڀائرن سان گڏ جنم ڏينهن جو ڪيڪ ڪاٽيو بابر اعظم جي سالگرهه جي تقريب ۾ سندس ويجهن دوستن به شرڪت ڪئي ڪرڪيٽ سان محبت جي اظهار لاءِ بابر اعظم جي سالگرهه جي ڪيڪ تي بيٽ ۽ بال جا نشان نمايان هئا. […]

پارليامينٽ جي خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جي اڪثريت راءِ سان منظوري

پارليامينٽ جي خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جي اڪثريت راءِ سان منظوري گڏيل اجلاس ۾ڪي پي اندر ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ بابت صدارتي فرمان پيش ڪيو ويو، جڏهن ته اجلاس ۾ٻئي ٺهراءَ وفاقي وزير طارق فضل چوڌري پيش ڪيا اجلاس دوران وزيراعظم جي اپوزيشن اڳواڻ محمود خان اچڪزئي سان ملاقات […]

شنگهائي سيڙپڪاري ڪانفرنس ۾ 34 مفاهمتي يادداشت نامن تي صحيحون ڪيون ويون: شرجيل انعام ميمڻ

سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته شنگهائي سيڙپڪاري ڪانفرنس ۾ 34 مفاهمتي يادداشت نامن تي صحيحون ڪيون ويون، سنڌ ۾ چيني سيڙپڪاري سان نوان موقعا پيدا ٿيندا شنگهائي سيڙپڪاري ڪانفرنس بعد صحافين سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪانفرنس ۾ پاڪستان ۽ چين جي سيڙپڪارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي هن چيو […]

پشاور اسڪول سانحو، فوتين جو انگ 35 ٿي ويو، 40 کان وڌيڪ زخمي

پشاور ۾ خانگي اسڪول جي ڇت ڪِرڻ سبب 29 ٻارن سميت 35 ڄڻا فوت ۽ 40 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا ريسڪيو عملدارن موجب، دير ڪالوني ۾ هڪ خانگي اسڪول جي ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ٻار ملبي هيٺ دٻجي زخمي ٿي پيا عمارت هيٺان دٻجي ويل سمورن لاشن ۽ زخمين کي […]