News Ticker
🕒 لوڊ ٿي رهيو... _
📅 لوڊ ٿي رهيو... _
🌡️ لوڊ ٿي رهيو... ☀️ 🌤️

"پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت نئين پاليسين تي ڪم ڪري رهي آهي. موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي ملهه جي اڳڪٿي ڪئي آهي. راندين ۾، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سيريز جي تياري ڪري رهي آهي. صحت جي حوالي سان، وڏن شهرن ۾ موسمي فلو جا نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ان سان گڏ، ڪراچي ۽ لاهور ۾ آئي ٽي شعبي تيزي سان وڌي رهيو آهي. تازين تازه ڪارين لاءِ اسان سان ڳنڍيل رهو."

تازا ترين

هنن لاءِ رياست ان ڏينهن تائين ماءُ هوندي آهي، جيستائين کين مال ملندو رهي: محسن نقوي جي يو آءِ تي ڇتي تنقيد

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سينيٽ جي اجلاس ۾ جي يو آءِ کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته ڪالهه مولانا چيو هو ته هـُو رياست تي ٿُڪين ٿا. انهن لاءِ رياست ان ڏينهن تائين ماءُ هوندي آهي، جيستائين کين پئسو ملندو رهي. جڏهن حڪومت ۾ حصو نه ملي ته رياست تي ٿُڪ اڇلائي […]

فيلڊ مارشل تهران ۾ ٺاهه ڪرائڻ ويو، اتي ڪودفاعي معاهدو نه هو نه ئي منهنجي ضرورت: خواجا آصف جو مولانا فضل الرحمان کي جواب

بچاءَ واري وزير خواجا آصف مولانا فضل الرحمان جي تنقيد جو جواب ڏيندي چيو آهي ته تهران ۾ نه ڪو دفاعي معاهدو ٿي رهيو هو ۽ نه ئي پاڪستان جي دفاع بابت ڳالهه ٻولهه ٿي رهي هئي، تنهنڪري اتي سندس موجودگي ضروري نه هئي قومي اسيمبلي ۾ مولانا فضل الرحمان جي گذريل ڏينهن واري تقرير […]

بچاءُ، گهرو ۽ پرڏيهي وزير پارليامينٽ کي ٻڌائين ته ملڪ ڪهڙين ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي: بلاول ڀٽو

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اپوزيشن کي پارلياماني ڪميٽين ۾ واپس اچڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو ، قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  پارليامينٽ طاقتور آهي ته اسان سڀ طاقتور آهيون بلاول  ڀٽو زرداري چيو ته اپوزيشن کي فعال ڪردار جي ذميواري کڻڻ گهرجي،  سندس […]

اسپين ۾ ٻن تيز رفتار ريل گاڏين ۾ ٽڪر، 68 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

اسپين ۾ ٻن تيز رفتار ريل گاڏين جي ٽڪر جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 68 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن اسپين جي ريلوي هلائيندڙ اداري موجب، هڪ ريل گاڏي ساڳئي پٽڙيءَ تي اڳيان ويندڙ ٻيءَ ريل گاڏيءَ جي پويان واري حصي سان ٽڪرائجي وئي، جنهن سبب ٻن بوگين جون ڦيٿيون پٽڙيءَ تان لهي ويون. […]

آمريڪي وچ مُدي وارين چونڊن کانپوءِ ايران تي وڏي حملي جون تياريون، نار وارن ملڪن کي آگاهي

آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل موجب، ٽرمپ سرڪار آمريڪا جي چونڊن کان پوءِ ايران تي حملن بابت نار وارن ملڪن کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. امڪاني آمريڪي ڪارروائيءَ ۾ ايران جي جوهري ٺڪاڻن ۽ بنيادي ڍانچي کي نشانو بڻائڻ تي ويچار ڪيو پيو وڃي اخبار موجب، آمريڪي فوج ٽيڪساس مان پيٽريئٽ ميزائلن واري بچاءَ جي […]

بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون، 9 دهشتگرد جهنم ڀيڙا

بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪاررواين دوران 9 دهشتگرد مارجي ويا آهن پاڪ فوج جي ساک واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب، فورسز ضلعي ڪڇي ۾ ڪارروائي ڪئي، جتي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڀارت جي پٺڀرائيءَ سان سرگرم 7 دهشتگرد مارجي ويا آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته سيڪيورٽي فورسز ضلعي ڪڇي ۾ […]

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس محسن اختر ڪياني پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس محسن اختر ڪياني پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي،محسن  اختر ڪياني پنهنجي استعيفيٰ ۾ چيو آهي ته هن ذاتي سببن، صحت جي مسئلن ۽ ضمير جي آواز تي عهدو ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي جسٽس محسن اختر ڪياني پنهنجي استعيفيٰ ۾ چيو آهي ته عدالتي ڪيريئر دوران هن […]

ايران اهڙا ميزائل تيار ڪيا آهن جيڪي يورپ ۽ امريڪا کي نشانو بڻائي سگهن ٿا : ٽرمپ

امريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران اهڙا ميزائل تيار ڪيا آهن جيڪي يورپ تائين پهچڻ جي صلاحيت رکن ٿا، ايراني ميزائل  امريڪي شهرن کي به نشانو بڻائي سگهن ٿا  آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران اهڙا ميزائل تيار ڪري ورتا آهن جيڪي يورپ تائين پهچڻ ۽ آمريڪا جي مختلف […]

ٽه ملڪي سيريز: پاڪستان کي شڪست، سريلنڪا فائنل ۾ پهچي ويو، انگلينڊ فائنل جي ڊوڙ کان ٻاهر

ٽه مُلڪي ون ڊي سيريز جي پنجين ميچ ۾ سريلنڪا پاڪستان کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي وئي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ سريلنڪن ڪپتان ٽاس کٽي پهريان بالنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن جي جواب ۾ پاڪستاني ٽيم 25.3 اوورن ۾ 110 رنسن تي ڍير ٿي وئي پاڪستان طرفان […]

ٽيون ٽي ٽوئنٽي اڀيشيڪ جي طوفاني سينچري، نئون رڪارڊ قائم، سيريز ڀارت جي نانءُ

ڀارت نيوزيلينڊ کي ٽِين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي پنجن ميچن جي سيريز ۾ 0-3 جي فيصلائتي سرسي حاصل ڪري ورتي. ويلنگٽن ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڀارت 199 رنسن جو هدف رڳو 13.2 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.ان کان اڳ  ڀارتي ٽيم جي ڪپتان شرياس اَئيَر […]